اقبال ميموريل پبلڪ لائبرري ڪنڌڪوٽ

اقبال ميموريل پبلڪ لائبرري، ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ واقع هيءَ لائبرري قومي شاعر علامه محمد اقبال جي نالي سان منسوب آهي. هيءَ لائبرري 1948ع ۾ تعمير ٿي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي اتر سنڌ (موجوده جيڪب آباد) جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالحميد خان ڪيو. هيءَ بلڊنگ پڪين سرن سان تعمير ٿيل هڪ منزله آهي، جنهن کي چئن پاسي ونگن وارا لنگهه ڏنل آهن، ۽ اندر وڏو هال آهي. عمارت جي مکيه لنگهه جي بلڪل سامهون هال جو دروازو آهي، جنهن جي پاسن وارين ديوارن تي دريون لڳل آهن. عمارت جو بنيادي ڍانچو اٺڪنڊي طرز جو آهي. مکيه لنگهه جي مٿان سرن سان هڪ تاج ٺهيل آهي، جنهن جي وچ ۾ نصب ماربل تي لائبرريءَ جو نالو ۽ سال تحرير ٿيل آهن. عمارت جي ڇت ٽيئر گارڊرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪجهه جاين تي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا پڻ لڳل آهن. سڄي عمارت پيلي ۽ اڇي رنگ جي آهي. اڱڻ ۾ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن. هن وقت هيءَ لائبرري خسته حالت ۾ آهي. عمارت ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڏار پئجي ويا آهن. ان ڪري لائبرريءَ ۾ مطالعي لاءِ ايندڙ ماڻهن جو تعداد گهٽ ٿي ويو آهي. ڪنهن زماني ۾ هيءَ پبلڪ لائبرري مطالعي جو اهم مرڪز هئي ۽ منجهس بيشمار ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو وڏو ذخيرو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو